سچل ساڃاهه شعور

سچل ساڃاهه شعور

سچل ساڃاهه شعور

سچل- ساڃاهه- شعور (ڪتاب): حضرت سچل سرمست تي لکيل تحقيقي مقالن تي مشتمل هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ جو تحرير ڪيل آهي. ڪتاب ۾ ڪل ڏهه مقالا آهن، جن ۾ حضرت سچل سرمست جي ڪلام سان گڏ فڪر، ڪردار بابت لکيو ويو آهي. ڪتاب جو مهاڳ ’ساجن چا مخمور ڪيتوئي‘ جي عنوان سان سرائيڪي عالم ۽ اديب ڊاڪٽر جاويد چانڊيي لکيو آهي. ’سچل، ساڃاهه، شعور‘ جي عنوان سان ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ حضرت سچل سرمست ۽ ڪتاب بابت پنهنجا ويچار درج ڪيا آهن. هن ڪتاب کي سچل جي فهم ۽ فڪر پروڙڻ واري پسمنظر ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. 143 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان، چار رنگي ٽائيٽل ۾، ڊيمي سائيز وارو هي ڪتاب پوپٽ پبليڪيشن هائوس، سنڌ ٻالڪ سنگت خيرپور ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ جنهن جي قيمت 120 روپيا آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو